جلال سيد

جلال سيد: سيد جلال ثاني، سيد علي ثانيءَ جو فرزند هو، جيڪو پيءُ جي وفات بعد جانشين ۽ شيخ الاسلام مقرر ٿيو. سيد جلال ثاني پنهنجي پيءُ سيد علي ثاني وانگر اهل دل ۽ هدايت وارو صاحب هو، سياست ۽ ناموريءَ جي لحاظ کان عوام الناس ۾ تمام گهڻو مقبول ۽ بلند مقام تي هو. ڪيترائي سياسي مسئلا پنهنجي دانائيءَ سان حل ڪيائين. جڏهن مرزا باقي پنهنجي ڪرتوتن سبب ڊنو ته شايد اڪبر بادشاهه سنڌ تي حملو ڪندو تڏهن ان شاهي درٻار ۾سيد جلال کي سفير ڪري، هندستان ڏانهن موڪليو ۽ پنهنجي هڪ نياڻيءَ کي حرم شاهي ۾ پڻ موڪليائين، اڪبر بادشاهه هن ظالم حاڪم جي تحفي کي رد ڪيو، پر سيد جلال ثاني جي سفارش تي اڪبر سنڌ تي حملي جو ارادو پڻ رد ڪيو. سيد جلال اڪبر کي اهو وقت ياد ڏيارو ته پهريون ڪپڙو جيڪو توهان کي پيدا ٿيڻ کان پوءِ پهرايو ويو هو، سو منهنجي (جلال ثاني) پيءُ سيد علي ثاني جي پهراڻ جو ٽڪر ساڳيءَ طرح مرزا جاني بيگ جي عهد ۾ امير صادق خان، اڪبر بادشاهه جي حڪم تي سنڌ ۾ ٺٽي کي فتح ڪرڻ جو عزم ڪيو ۽ هن بکر مان لنگهي سيوستان تي حملو ڪيو ۽ سيوستان (سيوهڻ) جي فتح جي خوشخبري اڪبر بادشاهه جي درٻار ۾ موڪليائين. اهو ٻڌي سيد جلال، مرزا جاني طرفان اڪبر جي درٻار ۾ پهتو ۽ سيد جلال جي ڪوشش سان ئي اڪبر بادشاهه ٻيهر صادق خان کي واپس اچڻ لاءِ فرمان جاري ڪيو ۽ امير صادق خان 994هه/1586ع ۾ سنڌ مان واپس وريو ۽ سنڌ وقتي طور مرزا جاني جي قبضي ۾ رهي. مير معصوم بکريءَ پنهنجي ڪتاب ‘تاريخي معصومي‘ ۾ پڻ هن جي تعريف ڪئي آهي. سيد جلال ثانيءَ کي هندستان وڃڻ کان اڳ (994هه/ 1586ع) مرزا جاني، مرزا صالح اول جي نياڻي نڪاح ۾ ڏني.


هن صفحي کي شيئر ڪريو